دريا خان ابڙي جو مقبرو

دريا خان ابڙي جو مقبرو

دريا خان ابڙي جو مقبرو

دريا خان ابڙي جو مقبرو: هي مقبرو ڳيريلي جي اوڀر ۾ ٿوري پنڌ تي تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. دريا خان ابڙو مغل بادشاهه اڪبر ۽ جهانگير جي دور جو بهادر شخص ٿي گذريو آهي، جنهن مغلن پاران بکر ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هي ابڙا قبيلي جو سردار هو ۽ سندس پونير به هن وقت ساڳي سرداريءَ واري پڳ سنڀاليو اچن. هن مقبري ۾ دريا خان ابڙي جي ڀيڻ به دفن ٿيل آهي. هي مقبرو پڪ سرو، چورس 28 x 28 فوٽن جو آهي. اوچائي 25 فوٽ، اوساري گل جي اٿس. هي مغلن جي دؤر جي اڏاوت جو نمونو آهي. گنبذ جي چوٽيءَ کان فرش تائين ماپ 73 فوٽ آهي. اٺ ڪنڊو ڳچ ڪنڊ جوڙون (Squinches) ڏئي ٺاهيو ويو آهي. هيٺين وڏي ڳچ ۾ چار دريون روشني ۽ هوا لاءِ رکيون ويون آهن. وڏو ڳچ 19.3 x 19.3 فوٽن جو آهي. هي مقبرو تباهه حال آهي. ان جو گنبذ ڪِري چڪو آهي ۽ ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو